دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

ايٽمي پروگرام تي حملي جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا، شايد دنيا برداشت نه ڪري سگهي، پاڪستان خلاف دهشتگردي ڀارت جي رياستي پاليسي آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي  پاڪ فوج چيو آهي ته ڪنهن به پاڪستان جي ائٽمي پروگرام خلاف مهم جوئي جي ڪوشش ڪئي ته اُن جا اهڙا خطرناڪ نتيجا نڪرندا جو شايد دُنيا برداشت نه ڪري سگهي، پاڪستان خلاف دهشتگردي جو استعمال ڀارت جي رياستي پاليسي آهي، ڪنهن ۾ به ائٽمي پروگرام کي نشانو بڻائڻ جو دم ئي ناهي.  ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري عرب نيوز چينل الجزيره کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان جي جوهري صلاحيت ڪمزور نه آهي، ڪير به پاڪستان جي جوهري پروگرام کي نشانو بڻائڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، اهو پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۽ هاڻوڪي علائقائي توازن تي اعتماد جي عڪاسي آهي، ڀارت جي عالمي دهشتگردي جو ماسٽر مائينڊ اَجِيت دَوئل آهي، ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگردي کي پاليسي طور اختيار ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي پٺڀرائي ۽ مالي مدد ڪري رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسلام ۾ جهاد جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي، فتنه الخوارج جو اسلام، پاڪستان يا پاڪستاني روايتن سان ڪوبه واسطو ناهي، فتنه الهندستان خاص ڪري بلوچستان ۾ ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارتي سياسي قيادت ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائيءَ جو اعتراف ڪري چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ڪيترائي ملڪ به ڀارتي رياستي دهشتگردي جو اعتراف ڪري چڪا آهن. ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو ماسٽر مائينڊ اجيت دوول آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ ڊڪلئيرڊ ائٽمي طاقت آهي، جنهن جي جوهري صلاحيت مڪمل طور تي محفوظ ۽ ناقابل شڪست آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام مڪمل طور محفوظ آهي ۽ ڪو به ملڪ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي نقصان پهچائڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، هي پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۽ علائقائي توازن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان اسلامي رياست خلاف ڪنهن به جارحيت کي علائقائي استحڪام لاءِ خطرو سمجهي ٿو، اسلام ۾ جهاد يا جنگ جو اختيار صرف رياست وٽ آهي، ڪنهن به فرد، تنظيم يا گروهه کي اهو اختيار نه آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button