دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

ڪنهن گروهه کي ڀارت تي حملي جو ناهي چيو، دهشتگردي خلاف وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون: بلاول

اسلام آباد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي صحافي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به گروهه کي ڀارت تي حملي جي اجازت ناهي ڏني، پاڪستان دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگرديءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جا هٿ صاف هئا، تنهنڪري اسان پهلگام حملي جي شفاف جاچ جي آڇ ڪئي، جيڪڏهن دهشتگرد پاڪستاني هئا ته پوءِ انهن جا نالا سامهون ڇو نه آيا؟ هن چيو مان نٿو چاهيان ته ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل ماضيءَ ۾ ڦاٿل رهي، ننڍي کنڊ ۾ دهشتگرديءَ جون پاڙون افغانستان جي ماضي سان لاڳاپيل آهن، پاڪستان ڪنهن به گروهه کي ڀارت تي حملي جي اجازت ناهي ڏني، پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ 92 هزار جانيون قربان ڪري چڪو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهيون، پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا هن سال به جاري آهن، دهشتگرديءَ جي حوالي سان هي سال پاڪستان جي تاريخ جو بدترين سال آهي، تنهنڪري اسان پهلگام حملي جي تڪليف، متاثرن جو ڏک ۽ خوف محسوس ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته مان چاهيان ٿو توهان 2007ع ۾ پيش آيل سانحي سمجھوتا ايڪسپريس کي ياد ڪريو، جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 پاڪستاني قتل ڪيا ويا، ڀارت نه رڳو جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهيو پر اعترافي بيانن ۾ به تبديلي ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته عالمي برادري پاڪستان پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کي تسليم ڪيو آهي. ان کانپوءِ ايڪس تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڀارتي ميڊيا جي وسيلي ڀارتي عوام جي سامهون پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کان نٿا ڊڄون، مون ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ جو فيصلو ان ڪري نه ڪيو ته اتان منصفاڻي پليٽ فارم جي اميد هئي پر ان ڪري جو مون کي ڀارتي عوام، خاص ڪري نوجوانن تي يقين آهي. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ امن جي ڪوشش رڳو پاڪستان جي نه پر ٻنهي قومن جو گڏيل مشن آهي. پ پ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت ۽ پاڪستان جو نئون نسل هڪ نئون نصيب لکي سگهي ٿو، اسان اهو نسل بڻجنداسين، جيڪو ماضيءَ جون زنجيرون ٽوڙيندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button