ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڪمپني کي لائسنس ڇو نٿو ملي؟ اسٽينڊنگ ڪاميٽي سوال اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد قومي اسيمبلي جي حڪومتي خاطرين بابت قائم اسٽيڊنگ ڪاميٽي ڪي اليڪٽرڪ ۽ توانائي واري وزارت جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا. اسٽيڊنگ ڪمييءَ جي اجلاس جي صدارت چيئرپرسن نزھت صادق ڪئي. ڪاميٽي ميمبر انجنيئر قمر الاسلام سوال اُٿاريو ته اسٽيڊنگ ڪاميٽي اڳ به پڇي چڪي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڪمپني کي لائسنس ڇو نٿو ملي، ڪي اليڪٽرڪ پاڻ ڪيئن ٻڌائيندو ته ان سان مقابلي لاءِ ٻيو ڪو لائسنس حاصل ڪري سگهي ٿو، توانائي واري وزارت ڪي اليڪٽرڪ سان گڏجاڻي ڇو نه ڪئي. ڪاميٽيءَ جي چيئرپرسن نزھت صادق پڇيو ته ڪراچي ۾ ڪيترا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي محسن بيگ ٻڌايو ته ڏهن ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اسان لوڊشيڊنگ جي سببن بابت کليل ڪچهريون به ڪيون آهن، ايم پي ايز کي گهرائي ميٽنگ ڪئي ته بجلي چوري روڪ لاءِ تعاون ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي ميمبر شاهدہ رحماني چيو ته توهان کي ايم پي ايز سان ملاقات جو نه پر قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان سان گڏجاڻي جو چيو ويو هو، ڳالهه کي نه گهمايو. جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندي چيو ته بجٽ اجلاس هلڻ سبب قومي اسيمبلي جا ميمبر موجود نه هئا، جولاءِ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري ڪاميٽي کي رپورٽ ڏني ويندي. ڪاميٽي جي ميمبر شگفته جماڻي چيو ته وولٽيج گهٽ ٿيڻ سبب فريج سڙي وڃن ٿا، ميٽر ريڊر پنهنجي مرضيءَ سان بل وڌائي ڇڏين ٿا، اسان عزت بچائڻ لاءِ اهي بل جمع ڪرايون ٿا. اسٽيڊنگ ڪاميٽي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان جلد ملاقات ڪري فوري ۽ مستقل حل لاءِ تجويزون اسٽيڊنگ ڪاميٽي آڏو پيش ڪيون وڃن.