دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

قومي شاهراهه جو 172 ارب رپين جو منصوبو بليڪ لسٽ ڪمپنيءَ کي ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ راجنپور کان ڊيرا اسماعيل خان تائين قومي شاهراهه جو 172 ارب رپين جو منصوبو بليڪ لسٽ ڪمپنيءَ کي ڏيڻ جو انڪشاف، ڪاميٽي ميمبرن اين ايچ اي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. سينيٽر ضمير گهمرو چيو ته جنهن ڪمپني کي 6 ارب جي منصوبي ۾ بليڪ لسٽ ڪيو ويو هاڻي، اُن کي 172 ارب جو منصوبو ڏنو پيو وڃي. چيئرمين اين ايچ اي چيو ته وزارت هن معاملي تي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اڃا ٺيڪو ڏيڻ جو فيصلو ناهي ٿيو، نظرثاني ڪئي ويندي. ٽول ٽيڪس وڌائڻ توڙي مختلف معاملن تي به ڪاميٽي ميمبرن خدشن جو اظهار ڪيو. سينيٽر پرويز رشيد جي صدارت هيٺ مواصلات بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ راجنپور کان ڊي آءِ خان تائين انڊس هاءِ وي روڊ جي تعمير بابت اين ايچ اي عملدارن ڪاميٽي جي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته راجنپور کان ڊيرا غازي خان تائين پنج باءِ پاس ٺاهيا ويندا. ڪجهه باءِ پاسز لاءِ فنڊنگ جي منظوري ملي چڪي آهي، جڏهن ته ڪجهه اڃا زير التوا آهن. هن منصوبي لاءِ هن وقت تائين 6.7 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 11 بلين رپين جي ضرورت آهي. جامپور لاءِ جزوي طور فنڊز سرڪاري خزاني ۾ اچي وئي آهي. مجموعي طور تي 11 باءِ پاس تعمير ڪيا ويندا، جن لاءِ زمين جي خريداري جو تخميو 11 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. چيئرمين اين ايچ اي چيو ته 7 باءِ پاسز جي تعمير لاءِ مڪمل ادائگي ٿي چڪي آهي، زمين جي خريداري لاءِ 5 ارب رپين جو شارٽ فال آهي. پي ايس ڊي پي 2025ع ۾ به هن منصوبي لاءِ ضروري فنڊز ناهن رکيا ويا آهن. سينيٽر ضمير حسين چيو ته راجنپور کان ڊي آءِ خان روڊ جي ٺيڪيدار ڪمپني بابت منفي رپورٽون اچي رهيون آهن. جنهن ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي، اها اڳ ئي بليڪ لسٽ ٿيل آهي. اين ايچ اي بورڊ ان ڪمپني کي ٺيڪو ڪيئن ڏنو. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته جيڪڏهن بليڪ لسٽ ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي ته اهو وڏو بلنڊر هوندو، مان اقتصادي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين آهيان، اسان هن موضوع تي گڏجاڻي ڪئي هئي. سينيٽ ميڊيا جي پريس ريليز جي جواب ۾ اين ايچ اي پنهنجي پريس ريليز جاري ڪئي. اين ايچ اي جي پريس ريليز پوري سينيٽ جي توهين آهي، ان معاملي تي ذيلي ڪاميٽي ٺاهي وڃي. جيڪڏهن اين ايچ اي پنهنجو دفاع ڪري ته مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. سينيٽ ميڊيا جي پريس ريليز ۾ ڪٿي به بليڪ لسٽ جو ذڪر نه هو. اين ايچ اي پاران پارليامينٽ جي توهين ڪئي وئي آهي، ان جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ صحافي رانا ابرار خالد خصوصي شرڪت ڪئي ۽ هن ڪجهه سوال چيئرمين اين ايچ اي کان ڪيا. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ڪاميٽيءَ جي اجازت سان صحافي ڳالهائي سگهي ٿو. صحافي رانا ابرار چيو ته راجنپور کان ڊي جي خان تائين 100 ڪلوميٽر جي سفر ۾ 5 ڪلاڪ لڳن ٿا. 2020ع کان پيسا سرڪاري خزاني ۾ پيا آهن، پر هن وقت تائين خرچ ڇو نٿي ڪئي وڃي. مون آر ٽي آءِ تحت چيئرمين اين ايچ اي کي درخواست موڪلي هئي. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته اوهان جا سڀ سوال درست آهن، اِن حوالي سان اين ايچ اي جواب فراهم ڪري. اين ايچ اي عملدار چيو ته هي سڀ هڪ پروسيس جو حصو آهي. ان سموري پروجيڪٽ جو تخمينو لڳايو ويو هو. ٻن مهينن بعد سمورو عمل شروع ٿي ويندو ته رقم جي ادائگي شروع ٿي ويندي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button