غيرقانوني ڀرتيون ۽ ترقيون: وڏي وزير ۽ مهراڻ ورسٽيءَ جي وي سي کي توهين عدالت نوٽيس، 5 آگسٽ تي طلب

حيدرآباد سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد طرفان يونيورسٽين جي چانسلر ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي 5 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آھي. تفصيل موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد ۾ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس يوسف علي سيد تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ درخواستگذار رائو عبدالرازق راجپوت ۽ غلام پرور اوڍو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي انتظاميا رياست اندر ھڪ الڳ رياست ٺاھي ويٺي آھي،11.11.2021ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد مھراڻ يونيورسٽي ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن، غير قانوني ڀرتين ۽ ڊيپوٽيشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آھي پر يونيورسٽي انتظاميا فيصلي عمل نٿي ڪري الٽو فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي جونيئرن ملازمن کي ترقيون پئي ڏئي، ھڪ گريڊ جا پٽيوالا بنا ڪنھن اشتھار جي 18 گريڊ تائين پھچي ويا آھن، يونيورسٽي اندر ميرٽ جي سرعام لتاڙ ٿي رھي آھي، عدالت درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد يونيورسٽين جي چانسلر وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحه حسين بلوچ کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي 5 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آھي.