مخصوص سيٽن تي بحال ميمبرن کي معطلي عرصي وارو پگهار ملندو

اسلام آباد قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مخصوص سيٽن تي بحال ٿيل ميمبرن کي معطلي واري عرصي جون پگهارون ڏيڻ جو فيصلو . قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني مخصوص سيٽن تي بحال ٿيل ميمبرن کي معطلي جي عرصي جون بنيادي پگهارون ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ پارلياماني ذريعن موجب 77 ميمبرن کي 13 مئي 2024ع تي معطل ڪيو ويو هو، معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي ئي انهن جون پگهارون روڪيون ويون هيون، قومي اسيمبلي جا مجموعي طور تي 22 ميمبر معطل ڪيا ويا هئا، جن مان 19 عورتون ۽ 3 اقليتي ميمبر شامل هئا، انهن مان 19 جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي، باقي 3 سيٽن تي نوٽيفڪيشن اڃا جاري ٿيڻ باقي آهي۔ قومي اسيمبلي جي انهن 19 ميمبرن کي 13 مئي کان عدالتي فيصلي واري تاريخ تائين بنيادي پگهار ادا ڪئي ويندي، البته انهن ميمبرن کي ٽي اي ڊي اي ۽ ٻيا الائونس نه ملندا۔ مجموعي طور هر هڪ ميمبر کي لڳ ڀڳ 21 لک روپين جي ادائيگي ڪئي ويندي۔ 13 مئي 2024ع کان 31 ڊسمبر 2024ع تائين في ميمبر کي ڏيڍ لک روپيا ماهوار بنيادي پگهار ڏني ويندي، جڏهن ته پهرين جنوري 2025ع کان عدالتي فيصلي تائين واڌيل پگهارن جي حساب سان بنيادي پگهار ادا ڪئي ويندي، اهڙيءَ ريت صوبائي اسيمبلين جي 55 مخصوص سيٽن جي ميمبرن کي به ان جي اسيمبلي ايڪٽ موجب بنيادي پگهار ادا ڪئي ويندي.