سنڌ جون خبرونقومي خبرون

هاڻ پرڏيهه توڙي ملڪي واپار جو ڪاٿو اي آءِ ۽ بوٽس لڳائيندا: ايف بي آر ۾ جديد نظام لاڳو

اسلام آباد ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر طرفان مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي مبني ڪسٽمز ڪليئرنس ۽ رسڪ مينيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ايف بي آر جي سڌارن بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ بريفنگ ڏني وئي ته نئين نظام تحت درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شين جي لاڳت ۽ نوعيت جو تخمينو مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ بوٽس لڳائيندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نئين رسڪ مينيجمينٽ سسٽم سان نظام ۾ شفافيت ايندي، انساني مداخلت گھٽ ٿيندي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي آساني ٿيندي. نئين نظام جي لاڳو ٿيڻ سان شين جي  تعين ۽ انهن جي لاڳت جو تڪڙو ۽ مؤثر تخمينو لڳائي سگهبو، جنهن سان وقت جي به بچت ٿيندي. نظام جي نفاذ سان ڪسٽمز عملدارن تي دٻاءُ گھٽبو، شفافيت وڌندي ۽ ڪاروباري طبقو مستفيد ٿيندو. وزير اعظم چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. ٽيڪس نظام کي خودڪار بڻائڻ سان ان ۾ شفافيت وڌي رهي آهي ۽ اهو وڌيڪ مؤثر بڻجي رهيو آهي. ميڊيولر ويڊيو اينالائيٽڪس تي ٻڌل نئون نظام، خاص طور تي ميينوفيڪچرنگ شعبي ۾ ٽيڪس وصولي کي خودڪار ۽ شفاف بڻائيندو، جنهن سان حڪومت جي آمدني ۾ واڌ ٿيندي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ بنا انساني مداخلت جي پنهنجو ٽيڪس ادا ڪري سگهندا. هي نظام گھٽ لاڳت وارو آهي ۽ ابتدائي ٽيسٽنگ ۾ 98 سيڪڙو موثر ثابت ٿيو. گڏوگڏ ميينوفيڪچرنگ شعبي ۾ هن نظام جي اطلاق سان ٽيڪس لاڳت وڌڻ جي امڪاني صلاحيت به وڌندي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، چيئرمين ايف بي آر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button