ڪراچي ۾51 انتهائي زبون حال عمارتن کي ڊاهڻ ۽ 588 عمارتن جي پڙتال جو حڪم

ڪراچي: مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾51 انتهائي زبون حال عمارتن کي فوري طور ڊاٺو ويندو، جڏهن ته وڌيڪ 588 زبون عمارتن جي ڪمشنر ڪراچي جي نگراني هيٺ پڙتال ڪرائي ويندي ته جيئن خطرناڪ عمارتن کي وقت سر خالي ڪرائي ۽ ڊاھي سگھجي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته واقعي کان پوءِ مون لياري ۾ مقرر بلڊنگ ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر سطح جي آفيسرن کي معطل ڪيو آهي، جڏهن ته 2022 ۾ عمارت کي غير محفوظ قرار ڏيڻ وقت مقرر ڪيل آفيسرن جو تعين ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ 51 عمارتن جي حالت خراب آهي، ڪمشنر ڪراچي 24 ڪلاڪن اندر تفصيل ڏيندو ته انهن عمارتن ۾ ڪيترا يونٽ ۽ ڪيترا ماڻهو آهن ته جيئن اسان انهن کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ خطرناڪ قرار ڏنل 588 عمارتن جو 2 هفتن اندر جائزو ورتو ويندو ته ڪهڙيون عمارتون فوري طور تي ڊاهڻ لائق آهن ؟ ڪهڙين عمارتن جي مرمت ڪرائي سگهجي ٿي.