لياري سانحو: فوتين جو انگ 27: بلڊنگ ڪنٽرول چيف معطل: جاچ ڪاميٽي قائم: 10 ،10 لک معاوضي جو اعلان

ڪراچي لياري جي علائقي بغدادي ۾ ڌماڪي سان ڊٺل 5 ماڙ عمارت ۾ 50 ڪلاڪن کان هلندڙ ريسڪيو آپريشن مڪمل، وڌيڪ 5 لاش هٿ اچڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 27 ٿي ويو. عمارت جي ملبي هيٺان دٻيل آخري لاش کي 48 ڪلاڪن کانپوءِ ڪڍيو ويو. اهو لاش محمد زيد نالي 13سالن جي نينگر جو هو، فوتي نينگر جي وڏي ڀاءُ چيو ته جڏهن عمارت ۾ ڏار نظر آيا، ان وقت آئون به عمارت ۾ موجود هئس،پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو هٿ پڪڙي کيس عمارت مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس، آئون پاڻ عمارت مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس پر ڀاءُ عمارت جي ڏاڪڻين تي ڦاسي پيو. عمارت مان نڪرڻ دوران منهنجي هٿ تي به زخم آيا. هوڏانهن سول اسپتال انتظاميافوتين ۽ زخمين جي فهرست جاري ڪئي آهي. فهرست موجب لياري سانحي ۾ ڪل 27 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿيا، 26 ماڻهن کي مئل حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتين ۾ 40 ورهين جو وسيم پٽ بابو، 30 ورهين جو پريم پٽ ڪشن، 20 ورهين جو پراتانڪ پٽ ارسي، 40 ورهين جي سنيتا زال ديا، 22 ورهين جي ارچنا زال وشال، 55 ورهين جي فاطمه ڌيءَ بابو، 45 ورهين جو ديا لال پٽ شيوجي، 11 ورهين جي وردينا ڌيءَ ڪيلاش، 70 ورهين جو ڪشن پٽ ديا لال، 32 ورهين جي پورٻائي زال دنيش، 12 ورهين ايوش پٽ جمناداس، 52 ورهين جي سناٻائي زال جمعون، 30 ورهين جو پرڪاش پٽ شيفجي، 23 ورهين جو جيتن پٽ شيفجي، 30 ورهين جو روهت پٽ ارسي، سندس زال 24 ورهين جي گيتا، 55 ورهين جي ميگاٻائي زال هارسي، 55 ورهين جي سني ٻائي زال جمعون، 25 ورهين جو ميهل پٽ ارسي، 28 ورهين جو وشال پٽ جمعا، 40 ورهين جو پرويز پٽ عبدالرحيم، 20 ورهين جو شعيب پٽ پرويز، 45 ورهين جو عارف پٽ اسلم، 17 مهينن جي مقدس ڌيءَ محمد عارف ۽ 13 ورهين جو زيد پٽ عارف شامل آهن