سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ سنڌيءَ ادبي شاخ عمرڪوٽ جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ گل منير ولھاريپريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

عمرڪوٽ سنڌيءَ ادبي شاخ عمرڪوٽ جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ گل منير ولھاري مزاحمتي شاعر سنڌيءَ ادبي شاخ عمرڪوٽ جي خزانچي ھرچند ساگر، اديب سماجي اڳواڻ ڪامريڊ رسول بخش رحيمداڻي ۽ ٻين طرفان پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھري کي خطاب ڪندي سنڌيءَ ادبي سنگت شاخ عمرڪوٽ جي سيڪريٽري وڪيل گل منير ولھاري، خزانچي شاعر ھرچند ساگر، سماجي شخصيت رسول بخش رحيمداڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جا حق اڄ کان نہ جئين پاڪستان ٺھيو آھي تڏھن کان ھڙپ ڪيا پيا وڃن، گيس، ڪوئلو، پيٽرول ۽ قيمتي معدنيات سميت ھاڻ وري سنڌ جي عظيم ماتر ڀومي جي سونهن سنڌوءَ درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن جنھن تي اسين ڌرتيءَ جا سپوت ۽ وطن سان محبت ڪندڙ سراپا احتجاج آھيون تہ سنڌ سان گذريل پنجهتر سالن کان ڏاڍ زور ۽ جبر سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ۽ وسيلن تي پنجاب قابض ٿي سنڌين جي روزگار کي کسيو پيو وڃي، ھنن چيو تہ ٻٻرلو جي ڌرڻي جي سڄي سنڌيءَ قوم حمايت ڪري ٿي، سنڌ جا نوجوان ھاري مزدور شاگرد سول سوسائٽي سياسي ڪارڪن اڳواڻ ميدان تي نڪري چڪا آھن جنھن ۾ وڪيل برادري اڳواڻي ڪري سُتل قوم کي جاڳائي جيڪو ڪرداد ادا ڪيو آھي، اھي جس لهن، ھاڻي سنڌيءَ قوم گڏيل جيڪو بہ فيصلو ڪندي انکي لبيڪ چونداسي، 3 ڪروڙ کان مٿي سنڌين کي ۽ خاص ڪري ڏيڍ ڪروڙ نوجوان سنڌين کي اپيل ڪنداسين تہ ھو سنڌ جي حقن لاءِ دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھجن متحد ٿي وڃن ڌرتيءَ جا حق وٺڻ لاءِ آواز اٿارين ۽ گڏوگڏ ڌرڻي ۾ ويٺل لکين سنڌين لاءِ فنڊ موڪلين جئين جدوجهد کي اڳتي وڌائي سگھون ۽ پنجاب سامراج کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪريون، 6 ڪئنالن سميت سنڌ جي وسيلن تان قبضا ھٽايا وڃن مالڪي حقوق ارڙھين ترميم تحت سنڌين کي ڏنا وڃن جڏھن تہ احتجاجي مظاھري ۾ ” درياهه تي ڌاڙو نامنظور ” "ڪوئلي تي ڌاڙو نامنظور” زمينن تي ڌاڙو نامنظور” "سنڌي قوم جي وسيلن ۽ حقن تي ڌاڙو نامنظور” "پنجاب سامراج جي چال نامنظور” جا بلند بانگ نعرا ھنيا ويا

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button