سانگهڙ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ هڪ اهم ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو

سانگهڙ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ هڪ اهم ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ فيڊريشن آف ڪامرس اڳواڻ ۽ واپار جي ماهر ماسٽر شير محمد "واپار جي اهميت” جي موضوع تي شاگردن کي ليڪچر ڏنو. ان موقعي تي شاگردن، استادن ۽ مقامي واپارين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ماسٽر شير محمد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته واپار ڪنهن به قوم جي معيشت ۾ ريڙھ جي هڏي وانگر اهميت رکي ٿو. هن واپار جي تاريخ، ان جا فائدا ۽ موجوده دور ۾ جديد ڊجيٽل واپاري طريقن تي روشني وجهندي نوجوانن کي چيو ته هو جديد علم تي ڌيان ڏين، خاص طور تي ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي استعمال تي، ڇو ته جديد واپاري طريقا هاڻي تمام منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪا آهن.هن شاگردن کي صلاح ڏني ته تعليم سان گڏوگڏ پنهنجين ڪاروباري صلاحيتن کي به وڌائين ته جيئن هو مستقبل ۾ ڪامياب واپاري بڻجي سگهن. ليڪچر جي پڄاڻي تي شاگردن ماسٽر شير محمد کان واپاري طريقن بابت سوال ڪيا جن جا تفصيل سان جواب ڏنا ويا.ان موقعي تي پروفيسر نواز ڪنڀر، پروفيسر ممتاز لغاري، ڪاليج جي پرنسپل ۽ محبوب ٿهيم سميت ٻين شرڪت ڪندڙن ماسٽر شير محمد جو شڪريو ادا ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا پروگرام مستقبل ۾ به منعقد ڪيا ويندا ته جيئن نوجوانن کي معاشي ترقي جا موقعا ملي سگهن ۽ ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. ان سان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.