سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ جمال پوليس ٿاڻي جي حد مان 40 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ جمال پوليس ٿاڻي جي حد مان 40 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل ٻن پورھيت ڀائرن لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي جي اغوا خلاف ۽ سندن جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن توڙي مغوين جي وارثن طرفان گھنٽاگھر چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو انھي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ خان سبزوئي، قمر الدين سھرياڻي، اي ڪي اوڳاھي ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن سالن کان ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني چوٽ تي چڙھيل آهي ڦورو بنا ڪنهن خوف جي شھرين ڳوٺاڻن کان روڪ رقم، موبائل فون، موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا ۽ ڌاڙيل ڳوٺاڻن ۽ شھرين کي اغوا ڪري ڪچي ۾ قيد بڻائي سندن جي وارثن کان لکين روپيا ڀنڱ طلب ڪري رھيا آهن تنهن باوجود به پوليس ڏوھارين خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪري رهي آهي جنهن ڪري ھتان جا رھواسي خوف واري زندگي گذاري رھيا آهن ۽ بدامني سبب ڪيترائي خاندان لڏي ٻين شھرن ڏانهن ھليا ويا آهن ھن چيو ته مغوي ڀائرن لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي سميت ڌاڙيلن وٽ ڪچي ۾ قيد بڻيل مغوين کي جلد بازياب ڪرائي ڏوھارين خلاف پوليس سخت ڪاروائي ڪري عوام کي امن سان زندگي گذارڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button