دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون
دادو دادو جوهي روڊ تي جوھي ويجھو ڇنڊڻ موري وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي،

دادو دادو جوهي روڊ تي جوھي ويجھو ڇنڊڻ موري وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي، فوتي ۽ زخمين کي پوليس موبائيل ذريعي تعلقه اسپتال جوهي منتقل ڪيو ويو، فوتي جي سڃاڻپ ڊي ٽو شاخ واسي محمد ياسين ولد دين محمد رودناڻي نالي طور ڪئي وئي آھي جڏھن ته زخمين ۾ نوجوان محرم لنڊ ۽ نوجوان ساجد لنڊ شامل آھن، ٻڌايو پيو وڃي ٻن موٽرسائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر دوران پويان ايندڙ ٽريڪٽر مٿان چڙھي وڃڻ تي ياسين رودناڻي موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته زخمين جي حالت نازڪ ھئڻ سبب دادو بعد سيوھڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو،