سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ – پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي عمرڪوٽ سيد امير علي شاهه عمرڪوٽ شهر جي مختلف وارڊن ۽ برادرين سان تعزيتون ڪيون

عمرڪوٽ
پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ – پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي عمرڪوٽ سيد امير علي شاهه عمرڪوٽ شهر جي مختلف وارڊن ۽ برادرين سان تعزيتون ڪيون ۽ ملاقاتون پڻ ڪيون.سائين سان گڏ برهان الدين ڪنڀر، ضلعي عمرڪوٽ جو انفارميشن سيڪريٽري، سٽي صدر گهنشام داس، ۽ چاڪر مري به موجود هئا. مهپاري سان تعلق رکندڙ ٺارو خاصخيلي ۽ عدلو خاصخيلي پنهنجي برادري سان گڏ نواب تيمور ٽالپور، حاجي شڪيل احمد باجوه، عامر خان، ۽ امير حسن خاصخيلي سان ملاقات کان پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.ان کان علاوه بسٽان مارواڙي ڀٽي جماعت جي معزز ڪاروباري شخصيت سيٺ ياقوب ڀٽي پڻ پنهنجي برادري سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا.ساڳي ريت، مرحوم شاهي خان رند جي پٽ علي خان رند پڻ پنهنجي برادري سان گڏ نواب تيمور ٽالپور سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ڪنري جي سونارا برادري جي بزرگن نوابزاده تيمور ٽالپور تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار محترمه صباء ٽالپور کي ووٽ ڏيڻ جو وعدو ڪيو ساڳي وقت، کوکر برادري ۽ خاصخيلي برادري به ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار محترمه صباء ٽالپور کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائڻ جو عزم ڪيو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button