سنڌ جون خبرونقومي خبرون

دي ڪانسپٽ اسڪول اينڊ ڪاليج سسٽم مڪلي طرفان اوپن هائوس ڊي جو شاندار ايوينٽ منعقد ڪيو ويو

ٺٽو
: دي ڪانسپٽ اسڪول اينڊ ڪاليج سسٽم مڪلي طرفان اوپن هائوس ڊي جو شاندار ايوينٽ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ والدين، شاگردن، صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ايونٽ دوران اداري جي تعليمي ڪارڪردگي، شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، ۽ جديد تدريس جي طريقيڪار جي واکاڻ ڪئي وئي. عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين سان ڳالهائيندي اداري جي سربراهه سيد اظھر شاهه چيو ته، اسان سال ۾ هڪ ڀيرو اوپن هائوس ڊي جو ايوينٽ ضرور منعقد ڪريون ٿا ته جيئن والدين ۽ عام شهري پاڻ اچي اسانجي تعليمي ماحول، سهولتن ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. تنقيدون ۽ تجويزون اسان لاءِ سڌاري جو ذريعو بڻجن ٿيون.
سيد اظھر شاهه وڌيڪ چيو ته، ادارو گذريل يارهن سالن کان تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اسان جا ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر، جج، ۽ ٻين اهم شعبن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري چڪا آهن. اسان وٽ انتهائي مناسب فيس ۾ اعليٰ تعليم ڏني پئي وڃي، جتي مستحق ۽ غريب شاگردن لاءِ اسپيشل گرانٽس ۽ اسڪالرشپس پڻ مهيا ڪيون وڃن ٿيون
هن چيو ته اداري جو بنيادي مقصد صرف تعليم ڏيڻ نه پر شاگردن جي شخصيت سازي اعتماد جي واڌاري ۽ انهن کي سماج جو ڪارآمد فرد بڻائڻ آهي.
اوپن هائوس ڊي دوران شاگردن پاران سائنسي ماڊلز، پرفارمنس، پوسٽر پريزينٽيشن ۽ ٻيون سرگرميون سرانجام ڏنيون ويون جيڪي والدين ۽ مهمانن جي ڌيان جو مرڪز بڻيون.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button