ڪئنالن ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڇو ڪيو ڊي سي ٺٽو پنهنجي آفيس جي ملازمن تي مڇرجي پيو

ٺٽو
ڪئنالن ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڇو ڪيو ڊي سي ٺٽو پنهنجي آفيس جي ملازمن تي مڇرجي پيو
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جو نادر شاهي حڪم پنهنجي ئي آفيس جي عملي آفيس سپرئينڊنٽ رياض شاھ سميت 13 ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ياد رهي ته گذريل ڏينهن روينيو ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ڊي سي آفيس ٺٽو جي ملازمن آفيس ٻاهران ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي هئي ڊي سي کين اڄ نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن اندر وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. اوهان سرڪاري ملازمن کي ڪنھن اجازت ڏني ته سياسي معاملن ۾ دخل اندازي ڪري ملڪي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪيو توهانجي هن عمل سان ملڪي سالميت کي نقصان رسيو آھي فوري وضاحت پيش ڪريو: ڊي سي ٺٽو پاران ملازمن کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ اظھار
نوٽيس جاري ڪيل ملازمن ۾ رياض شاھ سليم، حسن ناريجو الھڏنو خشڪ بچل پنهور انيس حسن گلشير راهوجو اسد نظير آرائين اشفاق جاکرو طارق سمون امين جوکيو منظور جوکيو ۽ ٻيا شامل آھن