ڪنڌ ڪوٽ کان پنجاب جا رستا مڪمل بند ٻئي ڏينهن تي به وڪيل اتحاد ۽ ال موومينٽ جو ڌرڻو جاري گاڏين جون قطاريون لڳي ويون

ڪنڌ ڪوٽ کان پنجاب جا رستا مڪمل بند ٻئي ڏينهن تي به وڪيل اتحاد ۽ ال موومينٽ جو ڌرڻو جاري گاڏين جون قطاريون لڳي ويون وڪيل ۽ قوم پرستن روڊ تي سھمي رات گذاري ڌرڻو ڪينال رد ڪرڻ جي نوٽيفيڪشن تائين جاري رھندو مظاھرين جو اعلان شھرين انساني ناتي برياني چانھ ـ پاڻي جو پڻ بندوبست ڪري مھمان نوازي جي مثال قائم ڪري ڇڏي ڌرڻي وڪيل عبدالغني بجاراڻي ـ ظريت ساگر بجاراڻي ـ اڪرم باجڪاڻي ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ والي ڏنو سنڌي ـ عزيز سومرو ـ شعبان جکراڻي۔ وڪيل فياض بجاراڻي ـ ڪري رھيا آهن ڪينال سمورا نامنظور ـ پاڻي تي ڌاڙو نامنظور ـ پاڻي خاطر جيھڙو آ ـ سنڌو خاطر جيھڙو آ ۔ سنڌو درياء تي ڪينال سمورا رد ڪيو جي زوردار نعريبازي ڪندي اڳواڻن ۽ جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌو درياء تي صرف سنڌين جو حق آهي سنڌو درياء تي ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي سنڌ جا وڪيل ـ سائين جي ايم سيد جي نظريي جا پولڳ ۽ سنڌ جو شعور جاڳي پيو آهي جيڪي سنڌ دشمن ڪينالن جي روڊ رستن تي اچي نڪتا آهن سنڌين حڪمرانن کي واضع پيغام ڏنو آهي ته سنڌو درياء مان ڪو به ڪينال نه ڪڍڻ نه ڏينداسي سڄي سنڌ ۾ پرامن طريقي سان احتجاج ھلي پيو پنجاب جا روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن ڌرڻي ۾ شامل سمورن ڌريون جو ھڪ ھي مطالبو آهي ته بنا دير تڪراري منصوبي کي رد ڪيو وڃي