سيٺارجا ۾ دوڪاندار تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال، دڪاندارن پاران ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪيو ويو.

سيٺارجا ۾ دوڪاندار تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال، دڪاندارن پاران ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪيو ويو. احتجاج ڪري ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. تفصيلي خبر موجب سيٺارجا شھر ۾ سنڌو درياهه مان غيرقانوني طور ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف سيٺارجا ٽريڊ اينڊ شاپس ڪيپرس ايسوسيئيشن سيٺارجا ۽ سچل ٽريڊ دوڪاندار ايسوسيشن سيٺارجا جي سڏ تي شھر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. دوڪاندارن مڪمل طور ڪاروبار بند ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي غير قانوني ڪئنالن جي مخالفت ڪئي. سيٺارجا ٽريڊ اينڊ شاپس ڪيپرس ايسوسيئيشن جي صدر ۽ اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا چيئرمين حاجي سبحان علي ڪٻر، محمد صادق لنڊ ۽ سچل ٽريڊ دوڪاندار ايسوسيشن جي صدر رسول بخش سهتو اميد علي سهتو دوڪاندارن پاران ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ تي غيرقانوني طور ڇهه ڪئنال اڏي سرسبز سنڌ کي بنجر بڻائي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا سنڌ سان سراسر نا انصافي آهي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. روڊ رستا مڪمل طور بند آهن. هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مٿان غيرقانوني طور ڪئنال اڏڻ وارو منصوبي کي رد ڪري سنڌين ۾ ڇايل بي چيني ختم ڪئي وڃي. اڳواڻن ٻٻرلو بائي پاس روڊ تي لڳل مک ڌرڻي جي حمايت ڪئي ۽ وڪيلن کي انهن جي جدوجهد تي سلام پيش ڪيو.