عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي حقن، وسيلن، تعليم، صحت، نوڪرين، ۽ پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي صدر ۽ نامياري سياسي اڳواڻ قانوندان اياز لطيف پليجو جي قيادت هيٺ شاندار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

عمرڪوٽ عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي حقن، وسيلن، تعليم، صحت، نوڪرين، ۽ پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي صدر ۽ نامياري سياسي اڳواڻ قانوندان اياز لطيف پليجو جي قيادت هيٺ شاندار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ٿربازار کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين هزارين ماڻهن جي شرڪت سان جاري رهي، احتجاج دوران پيپلزپارٽي جي منافقانه رويي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ بند ڪريو، پيپلزپارٽي مرده باد، سنڌ سان ظلم بند ڪريو، چورن کان سنڌ آزاد ڪرائي وٺنداسين، جهڙا جذباتي نعرا فضا ۾ گونجي اٿيا، اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو، بنيادي حقن کان محرومي، تعليم ۽ صحت جي زبون حالت، نوڪرين جي خريد و فروخت، ۽ بيحسيءَ جي حڪومتي روش تي هاڻ خاموش رهڻ گناهه بڻجي ويو آهي، هن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ ٻار تعليم لاءِ ترسي رهيا آهن، اسپتالن ۾ علاج ناياب آهي، عمرڪوٽ جهڙي اهم شهر ۾ گيس ئي نٿي ملي، ۽ ماڻهن کي ڊبل بل ڀري به لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ڇوٽڪارو ناهي، پبلڪ سروس ڪميشن جهڙا ادارا بہ رشوت خورن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي ويا آهن، اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي آڏو ٻئي چهرا ڏيکاري رهي آهي، هڪ طرف سنڌي عوام سان همدردي جا ناٽڪ، ٻي طرف اسلام آباد ۾ سنڌ جي وسيلن جي ورهاست تي سازشن ۾ ملوث آهي، هن چيو تہ 8 جولاءِ تي آصف زرداريءَ جي منظوري سان ڪئنالن جي آڙ ۾ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو وڌو ويو، جيڪا سڌي طرح ثابت ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت پاڻ ان ڏوهه ۾ شامل آهي، هي حڪمران نه رڳو چور آهن، پر سندن چوڪيدار به ساڳئي واردات ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، هن چيو ته واپڊا، ارسا، ٽيليميٽري ۽ سي سي آئي جي نالي تي جيڪو نئون علي بابا چورن جو ٽولو بيهاريو ويو آهي، تنهن جو واحد مقصد سنڌ جي وسيلن کي لٽي وفاق کي نوازڻ آهي، اياز پليجو واضح ڪيو ته پاڪستان صرف پنجاب ناهي، ٽن صوبن کي نظرانداز ڪري وفاق کي مضبوط نه، پر ڪمزور ڪيو پيو وڃي، اياز لطيف پليجو چيو ته جڏهن راڻا ثناءُ الله کيس وزيراعظم سان ڳالهين لاءِ چيو، ته هن صاف جواب ڏنو تہ ڪئنال بند ڪريو، ڳالهين جي ڪا ضرورت ناهي، سنڌوءَ جو پاڻي اسان جي زندگي آهي، ان تي ڪو به ڌاڙو نه ٿو برداشت ڪري سگهجي، احتجاجي ريلي ۾ سوين سياسي، سماجي ڪارڪنن سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي، نوجوانن جو جوش ڏسڻ وٽان هو، هن احتجاج عمرڪوٽ جي سياسي جاڳرتا ۾ نئين روح ڦوڪي ڇڏي، ريليءَ دوران پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف زبردست نعريبازي ڪئي وئي، ۽ مطالبو ڪيو ويو ته ڪئنالن جي غيرقانوني اڏاوت فوري بند ڪئي وڃي، سنڌ واسين کي زمينن جا مالڪاڻه حق ڏنا وڃن، پبلڪ سروس ڪميشن مان ڪرپٽ ٽولو ڪڍيو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي جي منافقانه پاليسين خلاف عوامي احتساب ڪيو وڃي، هي احتجاج نه فقط عمرڪوٽ پر سڄي سنڌ لاءِ انقلابي پيغام بڻجي اڀريو، جيڪو ايندڙ سياسي تحريڪن جي شروعاتي چُرڪتو بڻجي سگهي ٿو.