سنڌ جون خبرونقومي خبرون

شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ انساني پيپلوما وائرس ويڪسينيشن مھم جي حوالي سان گڏجاڻي.

شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ انساني پيپلوما وائرس ويڪسينيشن مھم جي حوالي سان گڏجاڻي.

تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ انساني پيپلوما وائرس ويڪسينيشن مھم جي حوالي سان گڏجاڻي. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. گڏجاڻي ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ـ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شڪارپور نادر علي پنهور ـ ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ سول اسپتال شڪارپور ڊاڪٽر عبدالشڪور قريشي ـ سينيئر ميڊيڪل آفيسرس، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آئي بي انچارج سيد شاھجھان شاھ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ شفيق الدين صديقي، تعليم کاتو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو چيو ته انساني پيپلوما وائرس ويڪسينيشن جي مھم 15 سيپٽمبر 2025 کان 30 سيپٽمبر تائين مھم جو آغاز ڪنداسين ۽ ھي مھم 12 ڏينهن تي مشتمل ھوندي. ھن مھم ۾ 9 سالن کان 14 سالن تائين جي نوجوان ڇوڪرين کي (HPV) واري حفاظتي ٽڪن جي بچاء واري مھم کي ڪامياب ڪنداسين. ھن مھم جو وڏو ٽارگيٽ اسڪولن ـ ڪاليجن ـ اسپتالن ـ رورل ھيلٿ سينٽر ـ ايم سي ايڇ سينٽر ـ ٻھراڙين ۽ ڳوٺن ۾ ملندو. ھن چيو ته ھي ٽارگيٽ ھڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي. ھن لاء ويڪسين لاء ضلعي اندر 97 ٽيمون جڏهن ته ٽارگيٽيڊ فڪسڊ ٽيمون 60, آئوٽ ريچ ٽيمون ڱ90 ۽ موبائل ٽيمون آهن ـ ھن چيو ته تعلقا وائيز مائڪرو پلان جوڙيا ويندا.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو انساني پيپلوما وائرس ويڪسين مھم جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي اندر 9 سالن کان 14 سالن تائين جي نياڻين جو ٽارگيٽ اسڪولن مان وڌيڪ ملندو ان لاء صحت کاتو ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي ليٽر لکي ۽ ان ويڪسين لاء ليڊي ڊاڪٽر ۽ فيميل اسٽاف کي مقرر ڪيو وڃي. ھن چيو ته ھن شروعات کي عمل ۾ آڻڻ لاء صحت کاتي ـ حڪومت سنڌ جون ٽيمون لاڳاپيل ضلعي جي اسڪولن جو دورو ڪنديون ته جيئن HPV ويڪسينيشن مھم شروع ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪري سگھجي.
ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهور چيو ته هي ويڪسين زناني بيمارين کان بچاءُ جي آهي. جيڪا ويڪسين 9 سالن کان 14 سالن جي ڇوڪرين جي لاءِ آهي. هن چيو ته هن مهم لاءِ اسان اڳ ئي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. انڪري جو اسان ان مهم لاءِ فيميل ڊاڪٽرس ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ٽرينگ مهيا ڪنداسين، هن کي محلن جي گهرن، ڳوٺن ۾، اسڪولن، ڪاليجن، ۽ اسپتالن ۾ هن مهم کي ڪامياب ڪنداسين. هن چيو ته ان ويڪسين لاءِ اسان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن کي ليٽر جاري ڪنداسين تاڪه اهي پنهنجي اسڪولن ڪاليجن ۾ انهن ڇوڪرين کي بريف ڪري مطمئن ڪن ۽ هن چيو ته هيءَ ويڪسين ڪينسر جي بچاءُ جي آهي، ويڪسين نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ڪينسر جون مختلف بيماريون جنهن ۾ چيسٽ جي ڪينسر، رحم جي ڪينسر، گلي جي ڪينسر جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button