سنڌ جون خبرون

دادو دادو ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران معصوم پريا ڪماري ، نويد لاشاري ۽ سنڌو درياء مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري احتجاجي مظاهرو

دادو دادو ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران معصوم پريا ڪماري ، نويد لاشاري ۽ سنڌو درياء مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين اعجاز ملڪاڻي،حميد ميمڻ، منصور پنهور، احمد ملاح چيو ته معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء شروع ڪيل جدوجهد کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو پر معصوم پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري بازياب نه ٿي سگهيان آهن ، سنڌ پوليس جي دعوائن باوجود پريا ڪماري/ نويد لاشاري کي بازياب نه ڪرائڻ سنڌ حڪومت ۽ رياستي ادارا ناڪام ٿي ويا آهن، سنڌ پوليس نااهل پوليس طور هاڻ مشهور ٿي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ جي حمايت ڪري پيپلز پارٽي غدار جي لسٽ ۾ اچي وئي ، پيپلز پارٽي فوري طور ڪئنال جي مخالفت ڪري وفاق کان ڌار ٿي نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ سندس کي ووٽ نه ملندا ، سڄي سنڌ تباه ٿيندي پئي وڃي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي 6 ڪروڙ عوام پاڻي ڦڙي لاء تڙپندا پر هنن کي صرف پنهنجي حڪومت جي پرواھ آهي ،پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي چپ ڪري نه ويهندي، مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري کي بازياب ڪرائي سنڌو درياء مان ڪئنال جو فيصلو واپس ورتون وڃي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button