دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

دادو دادو ضلع اندر عوامي خدمت ۽ بنيادي سھولتن جي فراھمي، قيمتن تي ضابطي، شھرن ۾ حددخلين ۽ سرڪاري اراضين تي قبضن کي ختم ڪرائڻ

 

ڊپٽي ڪمشنر آفيس دادو

 

دادو دادو ضلع اندر عوامي خدمت ۽ بنيادي سھولتن جي فراھمي، قيمتن تي ضابطي، شھرن ۾ حددخلين ۽ سرڪاري اراضين تي قبضن کي ختم ڪرائڻ، صفائي سٿرائي جا انتظام بھتر ڪرڻ ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي مختلف اسڪيمن لاء گھربل زمين جي مسئلن ۽ ضلع جي ٻين اھم معاملن ۾ اڳڀرائي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران ڊي سي آفيس دادو ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس سڏايو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو کي اسسٽنٽ ڪمشنرن تعلقي سطح تي ڪارگردگي رپورٽ پيش ڪئي جنھن جو ڊي سي دادو پاران تفصيلي جائزو ورتو ۽ سٺي ڪارگردگي نہ ڏسيندڙ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظھار ۽ ڪم ۾ بھتري جو سختي سان ھدايتون جاري ڪيون، جڏھن تہ پبلڪ ھليٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ دادو انجنيئر پاران اسڪيمن جي لينڊ ايڪيوزيشن جي مسئلن بابت آگاھي ڏني جنھن تي پڻ ڊي سي دادو لاڳاپيل عملدارن کي درپيش مسئلا فوري حل ڪرڻ جي ھدايتون ڏنيون ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو چيو آھي تہ ضلع ۾ عوامي خدمت لاء مقرر ڪيو ويو آھي عوامي ڀلائي ۽ سھولت جي فراھمي جا ڪم اولين ترجيح ۾ شامل آھن ھن ماتحت آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ضلع ۾ عوام کان واڌو اگھ وٺندڙن منافعي خورن، شھرن ۾ روڊ رستن تي حددخليون ۽ سرڪاري اراضين تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪاراويون تيز ڪيون وڃن ۽ شھرن ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن لاء جوڳا انتظام ڪيا وڃن ھن وڌيڪ چيو تہ زرعي آمدني ٽيڪس ۾ سڌاري آڻڻ لاء پڻ لاڳاپيل عملدارن ڪم کي بھتر ڪن ھن آفيسرن کي سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن ضلع توڙي تعلقي انتظاميا وٽ آفيسن ۾ مسئلن جي حل لاء ايندڙ شھرين سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي ۽ انھن جا ڪم اوليت جي بنياد تي حل ڪري سھولتون پيدا ڪيون وڃن اگر ضلع جي عوام جا ڪم وقت سر نہ ڪرڻ ۽ عوامي مسئلا رولڙي جو شڪار ڪرڻ جون اگر شڪايتون سامھون آيون تہ ڄاڻايل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالحميد مغل، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سميع اللہ وڳڻ، عدنان اظھر ھڪڙو، محسن رضا دستي، غلام فاطمہ گھلو، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ دادو انجنيئر عشرت حسين پنھور، آفيس سپريٽنڊنٽ ڊي سي آفيس محمد سُليمان سولنگي، چئني تعلقن جي مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button