ٺٽو 23 مارچ يوم پاڪستان 23 مارچ جي موقعي تي ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II فراز احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان مين نيشنل هاءِ وي تائين ريلي جو اھتمام ڪيو ويو.

ٺٽو
23 مارچ يوم پاڪستان 23 مارچ جي موقعي تي ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II فراز احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان مين نيشنل هاءِ وي تائين ريلي جو اھتمام ڪيو ويو. ريلي ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، عملي، اُستادن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر کڻي پاڪ فوج ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II فراز احمد عباسي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نور سرائي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ممتاز علي ٻجورو، تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر محمد بخش بهراڻي، سماجي اڳواڻ ممتاز علي سبزپوش ۽ ٻين چيو ته 23 مارچ يوم پاڪستان جي اهميت جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري قرارداد پاڪستان جي ڪري ئي آهي، 23 مارچ پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ تمام اهم ڏينهن ۽ وفاداري جي تجديد جو ڏينهن آهي. هنن چيو ته 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ منظور ٿيل قرارداد آزادي جو پيش خيمو ثابت ٿي. هنن چيو ته اڄوڪو ڏينھن ملهائڻ جو مقصد پياري وطن سان لازوال محبت جو اظهار ڪرڻ آهي. هنن چيو ته اسان کي تعليم کي پنهنجو هٿيار ۽ منزل بڻائي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.