سنڌ جون خبرون
مڪلي/غلام الله ورڊ تي لڳ جيل وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو

ٺٽو
مڪلي/غلام الله ورڊ تي لڳ جيل وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه سڳا سئوٽ غلام الله لڳ ڳوٺ سليمان ڪھيو جا رھواسي نوجوان مولا بخش ولد احمد ڪھيو شاھد ولد محمد حسن ڪھيو فوت ٿي ويا فوتين کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو مڪلي پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٽرڪ ھيٺان اچي چيپاٽجي فوت ٿيلن جي لاشن کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو سندن لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو