سنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي گھنٽا گھر چوڪ

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين مختلف سياسي سماجي تنظیمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سجاد بروھي، فدا حسین محمداڻي، شعيب ڊومڪي، رحمت اللّٰه ڇڄڻ، موھن لال، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، والي ڏنو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪينال سمورا نامنظور، ڪينال ٺاھيندي پادر کائيندي، سنڌ دشمن منصوبا نامنظور جا زوردار نعرا ھڻندي اڳواڻن چيو ته ڪينال ٺاھڻ سڌي سنڌ دشمني آهي وفاق اڳ ۾ ھي سنڌ سان گھڻيون زيادتيون ڪري رھيو آهي پاڻي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌين جي جياپي جو مسئلو آهي اسين سنڌي ڪنهن به صورت ۾ ڪينال ٺاھڻ نه ڏينداسي