دادو سيد ذين شاهه دادو پهتو :. دادو ويجھو انڊس ھاءِ تي ڪجھ ڏينھن اڳ دادو شھر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦورن سان مذاحمت دوران قتل ٿيل

دادو سيد ذين شاهه دادو پهتو :. دادو ويجھو انڊس ھاءِ تي ڪجھ ڏينھن اڳ دادو شھر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦورن سان مذاحمت دوران قتل ٿيل مقامي آبادگار ڳوٺ محمد عرس لغاري جي رھواسي منٺار لغاري جي وارثن ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ محمد اشرف لغاري ۽ شھيد ڳوٺاڻي جي ٻين گھر ڀاتين سان ايس يو پي سربراھ سيد زين شاھ مقتول جي تڏي تي پھچي عذرخواھي ڪئي ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مقامي آبادگار منٺار لغاري کي بيدردي سان ڦورن قتل ڪري ھن ٻچن کي يتيم ڪري ڇڏيو ھن قتل واقعي جي ايف آء آر به دادو بي سيڪشن پوليس پنھنجي مرضي سان ڪٽي ڇڏي آھي مقتول جي وارثن موجب اصل قاتل کي پوليس برقت ايف آء آرَ ۾ شامل نه ڪيو ھن چيو جيڪڏھن مقتول جي قاتلن پوليس پاران ايتري ڇوٽ ملندي ته ڏوھن ۾ اڃا به واڌارو ۽ عوام جو پوليس تان اعتماد ختم ٿي ويندو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي وڌڻ جو سبب اھو به آھي پوليس جي آفيسرن جون مقرريون سياسي شفارش تي ٿيل آھن جيڪي صرف ڊرگس جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث آھن انھن کي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ڪابه پرواھ ناھي جلد شھيد منٺار لغاري جا قاتل گرفتار ڪري سندس وارثن موجب ايف آء آر ۾ جوابدارن جا نالا شامل ڪيا وڃن ۽ مکيه قاتل سميت ھن قتل واقعي جا سمورا جوابدار گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي .ايس يو پي سربراھ صحافين جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڇيو ته سنڏو درياھ بچايو ڪاميٽي جي دعوت تي سڀاڻي (اڄ)ڄامشورو ۾ ايس يو پي جي ميزباني ھيٺ اجلاس سڏايو ويو آھن ان اجلاس ۾ سمورين قومپرست جماعتن سميت 6 ڪئنالن جي فيصلي کي رد ڪرڻ لاء جدوجھد ڪندڙ سمورين ڌرين کي مدعو ڪيو ويو ويو آھي صدر زرداري جي ڪيل فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آھي عدالتن ۾ وڃڻ يا سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليشن آڻڻ سان پر وڏي طاقتور گڏيل جدوجھد جي نتيجي ۾ صدر زرداري ۽ سندس ساٿاري قوتون ھن سنڌ دشمن ۽ 7 ڪروڙ سندين جي جياپي جي ويرين کي سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪرائينداسين سنڌي قوم ضرور ھن جدوجھد ۾ سوڀاري ٿيندي ان موقعي تي ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو.ڪامريڊ نياز حسين پنھور.نثار لاکير .دادو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غوث جھتيال.ڊاڪٽر سھيل احمد پنھور سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي.