سنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادو ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضيٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڪانفرنس هال ۾ ڪوٺايو ويو،

دادو ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضيٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڪانفرنس هال ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊي سي دادو ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن ۽ تحفظ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ۽ پيش رفت رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ سميت ٻين معاملن بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته چائلڊ پروٽيڪشن ۽ ويمن ڊولپمينٽ کاتن جي عملدارن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ٻارن سان جبري پورھئي جي روڪٿام ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن بابت به اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو کاتن پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته کاتن کي امن امان جي بحالي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ وٽ ھٿ ايندڙ گمشده ٻارڙن لاءِ شيلٽر هوم قائم ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن، جيئن گم ٿيل ۽ لاوارث ٻارن کي ٿاڻن جي “ٿاڻو ڪلچر” بدران بهتر ماحول مهيا ٿي سگھي، هن چيو ته ضلعي جي سڀني هوٽلن تي ترسندڙ ماڻهن جو ريڪارڊ، هوٽل آءِ مينيجمينٽ ۽ تلاش ايپ جي ذريعي تصديق کي يقيني بڻايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته دادو ۾ ڪو به غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي شهري موجود ناهي، ان جي تصديق لاءِ ٻيهر نئين سروي ڪئي ويندي، امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دادو سيد هدايت علي لڪياري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ عزيز الله سولنگي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اشفاق احمد سميت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button