عمرڪوٽ گورئمنٽ بوائيز پرائمري اسڪول چيرولي خاصخيلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر خالد آريسر ۽ شيراز خان عمراڻي جي ميزباني ھيٺ

عمرڪوٽ گورئمنٽ بوائيز پرائمري اسڪول چيرولي خاصخيلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر خالد آريسر ۽ شيراز خان عمراڻي جي ميزباني ھيٺ
سالياني امتحانن جي رزلٽ اجي حوالي سان ھڪ تقريب ڪوٺائي ويئي ڍورونارو ۾ ڪوٺائيل تقريب ۾ تعلقا امتحان ڪميٽي جي ميمبر گھنشام شيام ۽ عبدالطيف ڪوري سميت ڳوٺاڻن محمد رفيق سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
تقريب ۾ شريڪ معزز مھمانن خطاب ڪندي چيو ته ھي ھڪ پٺتي پيل علائقي ۾ ھڪ ڪمري واري بلڊنگ ھجڻ ۽ ان ۾ ٻارن جو وڏو تعداد ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رھي آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ تعليم جي وزير سيد سردار علي شاھ پاران تعليم جي لاء ڪيل ڪوششن جي ڪاميابي جي پڻ ھي ھڪ ڪڙي آھي ڇاڪاڻ تہ استادن جي ڪيل محنت ۽ ڳوٺاڻن جي سھڪار سان ئي سڀ ڪجھ ممڪن ٿي سگھي ٿو اگر سڀئي استاد پنھنجي ادارن جي مالڪي ڪن تہ GBPS چيرولي خاصخيلي جھڙا بھترين گورنمينٽ جا اسڪول قائم ٿي سگھن ٿا.گھنشام شيام ھنـن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته گورنمنيٽ اسڪولن ۾ اھڙا پروگرام ڪرائڻ سان ائوٽ آف اسڪول چلڊرين ۽ انھن جا والدين پڻ متوجہ ٿيندا ۽ حاضري ۾ پڻ واڌارو ٿيندو ان کان علاوه ھن اسڪول ۾ ڇوڪرن کان وڌيڪ نياڻين جو تعداد ڏسي تمام گهڻو خوشي ٿي رھي آھي ۽ استادن جي ڪيل محنتن کي سلام پيش ڪيون ٿا
عبدالطيف ڪوري تقريب ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي شيلڊون ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون. ۽ اسڪول جي استادن پاران قائم ڪيل بڪ بينڪ مان ڪتاب ٻارڙن ۾ پڻ ورھايا ويا تقريب ۾ ڳوٺ چيرولي خاصخيلي کان ڍورونارو موڙ تائين نئين سال جي داخلا مھم جي حوالي سان ريلي پڻ ڪڍي وئي تقريب جي آخر ۾ اسڪول اسٽاف پاران آيل معزز مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ڏنا ويا ۽ آيل معزز مھمانن اسڪول جي ھيڊ ماستر خالد آريسر جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.