ڪشمور جي ڪچي جي علائقي گيھلپور ۾ پوليس پاران هڪ وڏو آپريشن جاري آهي،

ڪشمور:
ڪشمور جي ڪچي جي علائقي گيھلپور ۾ پوليس پاران هڪ وڏو آپريشن جاري آهي، جنهن جو مقصد ٽي ڪسٽم اهلڪار ۽ هندو واپاري راجيش ڪمار جي بازيابي آهي هن آپريشن دوران ڌاڙيلن طرفان شديد مزاحمت ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفان کان فائرنگ جو تبادلو جاري آهي ڏوھارين جي فائرنگ دوران پوليس ڪانسٽيبل انور علي ڪلهوڙو شهيد ٿي ويو، جنهن کي فوري طور تي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، ڪانسٽيبل انور علي ڪلهوڙو جو تعلق شڪاپور آهي هن آپريشن دوران بهادري جي مثال پيش ڪئي انور علي ڪلهوڙو فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جي قرباني ڏني آهي انور علي ڪلهوڙو جي نماز جنازہ اڄ ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ مڪمل سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي نماز جنازہ ۾ سنڌ پوليس جي خاص دستي شهيد کي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي ڪشمور زبیر نظیر احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور، رينجرز سنڌ جا آفيسر، قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا نمائندا، ميڊيا جا فرد، مختلف مڪتب فڪر جا اڳواڻ، سول سوسائٽي جا اراڪين ۽ شهيد جا وارث موجود هئا نماز جنازہ کانپوء ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جناب ناصر آفتاب پٺاڻ خطاب ڪندي چيو سنڌ پوليس جا آفيسر ۽ جوان سماج دشمن عناصر لاء ھ وقت تيار بيٺا آهن اسان کي پنهنجن شهيدن تي فخر آهي، ۽ امن قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوء نٿا رهنداسين شهيد انور علي ڪلهوڙو جي قرباني سنڌ پوليس جي عزم ۽ حوصلو جو هڪ شاندار مظاهرو آهي اسان انهن جي بهادري ۽ قرباني کي هميشه ياد رکندا سين گيھلپور جي ڪچي جي علائقي ۾ هي آپريشن شدت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ پوليس جي وڏي نفري حصو پئي رهي آهھي ۽ ضلعي جون فورسز روانو ڪيون ويون آهن ته جيئن آپريشن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجي پوليس ۽ عوامي حلقن ۾ شهيد ڪانسٽيبل انور علي ڪلهوڙو جي قرباني تي گهرو غم ۽ ڏک محسوس ڪيو پيو وڃي شهيد جي بهادري کي ساراهيندي پوليس آفيسرن انهن جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪئي ايس ايس پي ڪشمور پاران چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي پوري خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ۽ جلد ئي مغوين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا شهيد اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي ضلعي انتظاميه پاران سندس خاندان سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي