خانپورمهر خانپور ويجهو ڳوٺ شريف مھر ۾ تاجدار مدينه و سنڌو بچايو ڪانفرنس ٿي گذري،

خانپورمهر خانپور ويجهو ڳوٺ شريف مھر ۾ تاجدار مدينه و سنڌو بچايو ڪانفرنس ٿي گذري،
جي يو آء يونٽ وڌڻ مھر جي زير اھتمام تاجدار مدينه و سنڌو بچايو ڪانفرنس ڳوٺ شريف مھر ۾ ٿي گذري جنهن ۾ مولانا راشد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالقادر ھاليجوي، مولانا عبدالله مھر، مولانا گل حسن زئور، مولانا مفتي محمد طاھر ھاليجوي، مولانا محمد امجد خان سميت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياء مٿان تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.درياء مٿان ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي
ھن چيو ته سنڌو درياء سنڌ وارن جي ملڪيت آهي
پاڻي اسان جو جياپو ۽ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي
اسين تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، جي يو آء سنڌ جي حقن جي حاصلات جي جنگ وڙهي آهي ۽ وڙھندي رھـندي، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جي يو آء ھڪ۔ ئي ڏينهن صوبي جي ستن بئراجن تي احتجاج ڪري واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.
اسين ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏا جلسا ڪري عوام کي سجاڳ ڪري آئندھ جو پلان جوڙينداسين
ھن چيو ته اسان کي سخت قدم کڻن تي مجبور نه ڪيو وڃي وفاق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف جي يو آء پاران احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ اسين 6 اپريل تي احتجاج جي هڪ تاريخ رقم ڪئي، جي يو آء هڪڙي ڏينهن ۾ گڊو کان ٺٽو تائين تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، احتجاجن مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن سنڌ م عوامي طاقت رکندڙ جماعت آهي ته اها جي يو آءِ، هن چيو ته اسين هميشہ جهموريت جي بقا لاءِ ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسين سڀني جي حقن جي جنگ وڙهون ٿا اسين ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا، ڪارڪنن فيصلو ڪيو تہ سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪيو وڃي پر اهو فيصلو انتهائي قدم هوندو ان ڪري في الحال عوامي ريفرڊم وسيلي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون، هن وقت هر ڪوئي الڳ الڳ احتجاج ڪري رهيو آهي پر ٿيڻ ائين گهرجي تہ سڀ گڏجي احتجاج ڪيون،
پاڻي جا مسئلا عدالتن نہ پر پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن عدالت وڃڻ واري فيصلي جي حق ۾ ناهيان،جيڪڏهن اڃان بہ ڪينالن وارو فيصلو واپس نہ ورتو ويو تہ پوءِ مجبورن سنڌ پنجاب بارڊ بند ڪيو ويندو.