عمرڪوٽ رتن ڪمار مالهي طرفان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ رتن ڪمار مالهي هائوس کان عمرڪوٽ شهر تائين هڪ شاندار، تاريخي ريلي ڪڍي وئي،

عمرڪوٽ رتن ڪمار مالهي طرفان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ رتن ڪمار مالهي هائوس کان عمرڪوٽ شهر تائين هڪ شاندار، تاريخي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن جو والهانه شرڪت ڪندي شهر جا واٽ، رستا ۽ چوڪ گونجي اٿيا، ريلي دوران رتن ڪمار مالهي پيپلزپارٽيءَ جي سياسي طاقت جو ڏيک ڏيندي، ڪارڪنن ۽ ساٿين سان محبت ۽ عزم جو اظهار ڪيو، هن طرفان شرڪت ڪندڙن کي پارٽي جا مفلر ۽ قومي جهنڊا فراهم ڪيا ويا، جنهن سان شهر جو ماحول مڪمل طور تي چونڊ رنگ ۾ رنگجي ويو، شاندار ريلي دوران ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو، رتن ڪمار مالهي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته عوام جي محبت ۽ حمايت سندس طاقت آهي، ۽ هو سڀئي پيپلزپارٽيءَ سان گڏجي عوام جي خدمت لاءِ هر وقت ميدان ۾ موجود رهندا، هن چيو تہ پيپلزپارٽيءَ اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا تہ جيت حاصل ڪري عمرڪوٽ کي ترقي جي راهه تي آندو ويندو، ريلي دوران شهر جي مختلف حصن مان ريلي کي ڀرپور آجيان ملي، ماڻهن گلن سان استقبال ڪيو بعد ۾ ريلي ڊي ڪي ٽائون پھتي جتي رتن ڪمار مالھي ايم اي نواب تيمور ٽالپور ايم پي اي راڻا همير سنگهہ ايم پي اي سيد امير علي شاه ۽ ٻين آيل مھمان کي اجرڪ پهرايو ۽ ڪارڪنن جهنڊن ۽ نعريبازي سان ماحول کي گرم ڪيو ويو، سياسي تجزيو نگارن جو چوڻ آهي ته هي ريلي چونڊ مهم ۾ نئين روح ڦوڪڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.