Uncategorized

عمرڪوٽ خانگي ميڊيڪل سينٽر عبدالله ميڊيڪل اينڊ سرجيڪل اسپتال عمرڪوٽ طرفان هڪ ڏينهن جي لاءۡ مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

عمرڪوٽ خانگي ميڊيڪل سينٽر عبدالله ميڊيڪل اينڊ سرجيڪل اسپتال عمرڪوٽ طرفان هڪ ڏينهن جي لاءۡ مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين جي ناليواري ماهر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين زنانه بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر صنوبر پروين ڪنڀر, جنرل سرجن ڊاڪٽر ليکراج مل راٺوڙ, دل جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر شمشير مردان مري, ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ڏيون ڪمار راٺوڙ, ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر وجيه حسن, سنئير فيملي فزيشن ڊاڪٽر ڄام ڪنڀر, دائمي سور جي بيمارين ماهر ڊاڪٽر نور احمد پنهور, الٽراسائونڊ جي ماهر ڊاڪٽرياڻي شاهده نور پنهور, فزيوٿراپسيشلٽ ڊاڪٽر صبا ڪنڀر 800 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري مفت ٽيسٽون ڪري مفت دوائون ڏنيون ان موقعي تي ڳالهائيندي زنانه بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر صنوبر پروين ڪنڀر چيو ته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ اولين ترجيع آهي اسان عمرڪوٽ جهڙي شهر ۾ صحت جي شعبي ۾ بهتر سهولتون ڏيڻ لاءۡ ڪوششون وٺي رهيا آهيون اسان وقتن به وقتن مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائيندا رهيا آهيون جئين غريب مريضن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي ڊاڪٽر ڄام ڪنڀر ڳالهائيندي چيو ته اسانجو مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد اهو هو ته هر٦ مريض سينٽر تي پهچي پنهنجو مفت چڪاس ۽ ٽيسٽون ڪرائي مهانگائي ۽ غربت سبب ماڻهو وڏن شهرن ۾ وڃي پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهن اسان انهن جي سهولت لاءۡ مفت ڪئمپ لڳائي جنرل٦٦ سرجن ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ ڳالهائيندي چيو ته اڄ مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ ۾ اچڻ جو مقصد هو ته اهو مريض جيڪو غربت سبب وڏن شهرن ۾ پنهنجو چيڪ اپ نٿا ڪرائي سگهن اهو هن مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ اچي پنهنجو چيڪ اپ ڪرائين هن چيو ته عطائي ڊاڪٽرن جي جڳاڙي ميڊيڪل سينٽرن سبب ڪاري سائي ايڊز سميت مختلف بيماريون ڦلجهي رهيون آهن اسانجو مقصد عام ماڻهو کي ڄاڻ ڏيڻ ۽ بهتر صحت جو ميسج پهچائڻ آهي اسان وس آهر مفت ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون ۽ اڳتي به لڳائيندا رهنداسين.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button