دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينهن چور جي مارجڻ بعد چاچڙ برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل صحافي حضور بخش منگي جو ڀائيٽيو نوجوان دانش منگي ۽ پورھيت سومر سبزوئي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويو

ڪنڌڪوٽ
ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينهن چور جي مارجڻ بعد چاچڙ برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل صحافي حضور بخش منگي جو ڀائيٽيو نوجوان دانش منگي ۽ پورھيت سومر سبزوئي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويو دانش منگي جي جنازي نماز گوليمار ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سردارزادہ مير محراج خان سندراڻي، سردار تيغو خان تيغاڻي، سردار لياقت خان ملڪ، رئيس عرض محمد چاچڙ، مير عبدالغني سندراڻي، صحافين صدر پريس ڪلب لياقت علي کوسو، مسعود عالم سومرو، علي حسن ملڪ، راجا گوپي چند، احمد علي مغل، سليم ميراڻي، فقير گوڪل داس، علي شير ملڪ، فخرالدین بلوچ، عبد الخالق چاچڙ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي نوجوان کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران نوٽیس وٺڻ بعد به پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي نوجوان جي قتل بعد منگي برادري ۾ خوف و حراس پکڙيل آهي متاثر منگي برادري جو چوڻ آهي ته فوري قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button