رانديونسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام ۾ انڊر-16 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سليماني ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين پاران ڪرائي وئي.

ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام ۾ انڊر-16 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سليماني ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين پاران ڪرائي وئي. خبر موجب سليماني ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين عبير خان پاران ٽنڊوڄام ۾ راندين جي واڌاري لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي وي وِنگ ڪالوني ۾ انڊر-16 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي ٽورنامينٽ جي فائنل رانديگرن کي ميڊل، ٽرافيون ۽ نقد انعام ڏنا ويا ان موقعي تي سليماني ويلفيئر ٽرسٽ جي صدر زرياب خان، جنرل سيڪريٽري سجاد قريشي ۽ يوسي چيئرمين دانش صابر قائمخاني مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. آمريڪا ۾ رهندڙ سليماني ويلفيئر ٽرسٽ جي چئرمين عبير خان بيان جاري ڪندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ اهڙن راندين جي سرگرمين جو تسلسل سان اهتمام ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحتمند سرگرميون نوجوانن جي شخصيت سنوارڻ ۽ معاشري کي مثبت رخ ڏيڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button