سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف اٺين ڏينهن تي به ڪنڌڪوٽ روٽ کان پنجاب ويندڙ رستا بند ڪيا ويا

ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف اٺين ڏينهن تي به ڪنڌڪوٽ روٽ کان پنجاب ويندڙ رستا بند ڪيا ويا رستا بند ھجڻ ڪري ٽينڪرز، ٽرالر، ٽرڪون وڏي تعداد ۾ لوڊ ٿيل روڊ رستن تي ھوٽلن اڳيان بيھاري ڇڏيون آهن سنڌ کان ڪوئلو کڻي ويندڙ ٽرڪن ۾ ڪوئلو سڙڻ لڳو جنهن ڪري ٽرڪن مان لاھي اڇلايو ويو آهي ڌرڻي جي اڳواڻي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، عبدالعزيز سومرو، والي ڏنو سنڌي، فدا حسین محمداڻي، ڪامريڊ عباس، گھايل سنڌي، شاھنواز مرھیٽو، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين ڪئي پ ٽ الف جو وفد ممتاز چاچڙ، صدر الدين مرھيٽو، انور علي عارباڻي، عبدالڪريم عارباڻي، صحافين جو وفد صدر لياقت علي کوسو، مسعود عالم سومرو، راجا گوپي چند، نصير منگي، احمد علي مغل، سلیم میراڻي، ڊاڪٽرن جو وفد ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر خليق باجڪاڻي، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار، ڊاڪٽر يوسف نوناري، ڊاڪٽر جئرام داس، ڊاڪٽر خالد الاھي ڀٽو ۽ گرلس اسڪول جون استادياڻيون ۽ شاگردياڻيون به ڪينالن جي خلاف قائم ڌرڻي ۾ شامل تي ويٺلن سان اظھار ھمدردي پڻ ڪئي ڪراچي بار جي صدر سرفراز ميتلو به ڌرڻي تي پھتو انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس گردي ٿي پر اسين وطن ۽ پاڻي خاطر مھاڏو اٽڪائي بيٺا آيون سنڌ جي حقن ۽ ڌرتي جي حفاظت لاءِ سڄي سنڌ روڊ رستن تي نڪري پئي آهي ڪنڌڪوٽ پنجاب جو سرحدي ضلعو آهي گولا موڙ بند ٿيڻ ڪري پنجاب ڏي ويندڙ ٽريفڪ مڪمل بند آهي پنجاب ڏي سامان وڃڻ بند ٿيو آهي اسين ڪينالن منصوبي خلاف آيون فوري ڪينال منصوبو جيڪو سنڌ دشمن منصوبو آهي ختم ڪري سنڌ جي عوام کي حقوق ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button