Businessسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۽ ڀتا خوري کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام شھرين ۽ واپارين دڪاندارن سان گڏوگڏ ھاڻ عوام جا مسيحا ڊاڪٽر به ڏوھارين جي نشاني تي اچي ويا

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۽ ڀتا خوري کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام شھرين ۽ واپارين دڪاندارن سان گڏوگڏ ھاڻ عوام جا مسيحا ڊاڪٽر به ڏوھارين جي نشاني تي اچي ويا ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان ڊاڪٽر سريش آنند، ڊاڪٽر عبدالڪريم نوناري ۽ سندر داس کي ڏوھارين طرفان ڀتو نه ڏيڻ تان ملندڙ موت مار ڌمڪين خلاف ڊاڪٽر سراپا احتجاج بڻجي ويا ڪنڌڪوٽ جي تمام خانگي اسپتالون بند ڪري سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر خليق انور باجڪاڻي، ڊاڪٽر سريش آنند، ڊاڪٽر سانوڻ سھرياڻي، ڊاڪٽر يوسف نوناري، ڊاڪٽر ڀرٿ آنند، ڊاڪٽر پرمانند، ڊاڪٽر منصور مگسي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھاڻ ته اسين مسيحا به غير محفوظ ٿي ويا آھيون ڏوھارين طرفان ڀتي لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي نه ڏيڻ تي موت مار ڌمڪيون گھر مٿان فائرنگ جو سلسلو رڪجي ناھين سگھيو پوليس ڊاڪٽرن توڙي شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي بدامني سبب ماڻهو لڏ پلاڻ ڪن پيا پنهنجا ٻار ٻچا اسڪول نه ٿا موڪلي سگھن ھتي جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو ڏوھارين حوالي آ اسان ته انسانيت جي خدمت ڪندا آھيون پوءِ به اسان مٿان حملا ڪري موت مار ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون پوري شھر جون اسپتالون بند ڪري اسين سراپا احتجاج بڻجي ويا آھيون ڪنڌڪوٽ شھر جي ڊاڪٽر نثار گولو مٿان قبيلائي جھيڙن جي آڙ ۾ ناحق ڪيس داخل ڪيو ويو آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان ته ڌاڙيل راڄ ڀتا خوري جو خاتمو آڻي سخت ڪارروائي ڪري ڊاڪٽرن ۽ شھرين کي تحفظ ڏیئي سندن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button