ڪنڌڪوٽ ھٿياربندن جي فائرنگ صحافي حضور بخش منگي جو نوجوان ڀائیٽيو ۽ پورھيت نوجوان قتل پوليس واقعي جي باوجود ڪجهه نه ڪيو

ڪنڌڪوٽ ھٿياربندن جي فائرنگ صحافي حضور بخش منگي جو نوجوان ڀائیٽيو ۽ پورھيت نوجوان قتل پوليس واقعي جي باوجود ڪجهه نه ڪيو چور جي پلاند ۾ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، منگي برادري، واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو۔ پوليس
تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مسڻ موڙ تي موبل آئل جي دوڪان تي ھٿياربندن جي ڇتي فائرنگ جنھن ڪري گوليون لڳڻ سبب دوڪان مالڪ صحافي حضور بخش منگي جو نوجوان ڀائيٽيو دانش منگي پٽ محمد صادق منگي ۽ پورھيت نوجوان سومر سبزوئي گولين جو کاڄ بڻجي ويا ٻنھي نوجوانن جو ساھه آخري دم ۾ ھو مقامي ماڻھن ۽ وارثن زخمين کي کڻائي اسپتال آندو جتي ٻئي نوجوان زندگي جي جنگ ھارائي ويا نوجوانن جي واقعي جي باوجود پوليس روايت کي قائم رکندي نه پھتي ٻنھي نوجوانن جی لاشن جو پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا نوجوان دانش منگي جو لاش مڙھ گوليمار جڏھن ته سومر سبزوئي جو لاش ڳوٺ باھو پھچڻ تي قيامت جا منظر بڻجي ويا لاشن کي ڏسي وارثن کي دورا پوڻ لڳا انھي حوالي سان منگي برادري جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ ڳوٺ گوليمار ۾ چور داخل ٿيا ھڪ چاچڙ چور جي مارجڻ جو اسان تي الزام لڳايو ويو ھو جنهن بعد اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي وڏو ظلم ڪيو ويو آهي پوليس جو جوڻ آهي ته واقعو پراڻي خوني تڪرار سبب پيش آيو آهي باخبر ذريعن موجب منگي برادري چور مارجڻ بعد چاچڙ برادري ڏي معززين جا ميڙ منٿ قافلا موڪليا ھيا پر معاملو ختم ڪرڻ بدران خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو