قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ پوليس پاران قتل جو مک جوابدار گرفتار ڪري ورتو ڪجهه ڏينهن اڳ پيار جي پرڻي تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ پوليس پاران قتل جو مک جوابدار گرفتار ڪري ورتو ڪجهه ڏينهن اڳ پيار جي پرڻي تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ ڪلهوڙا مغيري جو رهواسي نوجوان غلام مصطفى مغيري زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ھو. جنهن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي تلاش جاري ھٗئي ۽ مختلف جڳهن تي ڇاپا بہ هنيا ويا هئا پر جوابدار فرار ٿي ويا جنهن کانپو۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي جي خاص هدايتن تي ايس ايڇ او وڳڻ سيد وريل شاھ پنهنجي اهلڪارن ۾ اي ايس آ۽ لال بخش مغيري ، وقار ڪلهوڙو ساڻ ڪري بهتر حڪمت عملي جوڙي وڳڻ ٿاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار اختيار ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايڇ او سيد وريل شاهه ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.