دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ واسين سان قبوسعيد خان وٽ حادثو 2 نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ واسين سان قبوسعيد خان وٽ حادثو 2 نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو
تفصيل موجب بلوچستان جي علائقي خضدار گهمڻ لاءِ ويل وڳڻ واسي نوجوانن جي موٽرسائيڪل کي قبوسعيد خان ڀرسان تيز رفتار وين ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ 18 سالا نبي بخش پٽ عبدالنبي مينگل ۽ 17 سالا آصف علي پٽ حاڪم مغيري ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا حادثي بعد علائقي واسين پھچي فوتي نوجوانن جا لاش ۽ زخمين کي کڻي لاڙڪاڻي شعبه حادثات اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن ٻنھي نوجوانن نبي بخش مينگل ۽ آصف مغيري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏھن ته اھڙي اطلاع تي فوتي نوجوانن جا وارث اسپتال پھتا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش حوالي ڪيا ويا جن مان ھڪ فوتي نبي بخش مينگل کي وڳڻ شھر ۽ ٻئي فوتي آصف مغيري جي لاش کي ڳوٺ خدابخش مغيري نيو ويو فوتي نوجوانن جا لاش گھر پھتا ته وارثن ۾ قيامت برپا ٿي وئي اھڙي طرح ٻنھي نوجوانن جي نماز جنازه بعد کين سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي جنھن ۾ علائقي جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي ٻئي طرف اطلاع آھن ته قبوسعيد خان پوليس وين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي حادثي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي جڏھن ته ھن ڏکوئيندڙ حادثي تي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جا نوجوان عيد جي ٻئي ڏينھن موٽرسائيڪلن تي خصدار گھمڻ ويا ھئا جن سان واپسي تي ھي ھيانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو آھي جنھن ۾ اسان جو جيءُ جھري پيو آھي .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button