دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڳوٺ مصري جوڳي يوسي فتح پور تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اڄ منجهند 03 وڳي بجلي جي ٿنبي تان يارهن هزار جي لائين مان چڻنگ ڪرڻ سبب ڳوٺ جي چئني پاسن کي باھ وڪوڙجي وئي

شڪارپور
ڳوٺ مصري جوڳي يوسي فتح پور تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اڄ منجهند 03 وڳي بجلي جي ٿنبي تان يارهن هزار جي لائين مان چڻنگ ڪرڻ سبب ڳوٺ جي چئني پاسن کي باھ وڪوڙجي وئي جڏهن تہ ڳوٺ جي ماڻهن ۽ فائر برگيڊ جي عملي وقت تي پهچي باھ کي وسائي ڇڏيو ۽ هڪ ڳوٺاڻو معجزاڻي طور بچي ويو.
ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کان اپيل ڪئي آهي ته هن سنگين معاملي جو نوٽيس وٺي جلد نئين لائن ۽ نوان ٿنڀا لڳرائي ڏنا وڃن ۽ ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.