قمبر شھدادڪوٽ سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي صحافين جي ماهوار دستوري گڏجاڻي

قمبر شھدادڪوٽ سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي صحافين جي ماهوار دستوري گڏجاڻي ، زير صدارت سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ۽ صدر محمد بخش خاصخيلي جي نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري ساجد بلوچ ، فتح محمد ڪلهوڙو ، محبوب علي پنهور ، جهانگير عباسي ، امتياز خاصخيلي ، علي گل مغيري ، نادر علي مغيري ،شبير احمد چانڊيو ، غلام اڪبر جتوئي ، ضمير حسين چانڊيو ،سردار احمد ، عبدالحنان پنهور ، بدر الدين پنهور ، نادر ممتاز ڀنڊ ، پيار علي ، اسرار چانڊيو ، خالد مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، جڏھن تہ سڄاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي صدر گلاب وڳڻ مٿان داخل ڪوڙي ڪيس جي مذمت ڪئي وئي ، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته صحافت بي پهچ عوام جي خدمت آهي ۽ صحافت کي عبادت سمجهي ڪندا آهيون ٻاهرين ملڪن ۾ ميڊيا جي ورڪرن ملازن کي سهولتون مليل آهن دنيا جديد دؤر ڏانهن وڌي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ صحافين جي فلاح و بهبود لا۽ حڪومتي اعلان بي اثر آهن ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ قلمڪارن کي سهولتون ناهن سٽي پريس ڪلب لا۽ بلڊنگ ناهي ان باوجود بہ هتان جا قلم ڌڻي علائقي جي رهواسين جي بنيادي سهولتن ، پيئڻ جي مٺي پاڻي ، بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جي آزار ، تعليم ، صحت جي سهولتن جي کوٽ ، گئس جهڙي سهولت نہ ملڻ ۽ ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ تي عوام جي آواز کي ها۽ لائيٽ ڪندا رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو تہ سڄاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻ گلاب وڳڻ مٿان بي بنياد ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا جيڪو شھري مسئلن جي حل لا۽ جدوجهد ڪندڙ آهي چونڊيل نمائندن نواب سردار احمد خان چانڊيو ، مير عامر علي خان مگسي ۔ سردار برحان خان چانڊيو ۔ ڊي سي قمبر امداد ابڙو ۽ ٽائون چيئرمين سردار خليل احمد وڳڻ کان مطالبو ڪيو ته هتان جي قلم ڌڻين لا۽ پريس ڪلب جي بلڊنگ ڏياري وڃي