دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٽنڊوڄام راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڪوسٽر ۽ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار سوار سخت زخمي ٿي پيو.

ٽنڊوڄام
راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڪوسٽر ۽ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار سوار سخت زخمي ٿي پيو.

تفصيل موجب، ٽنڊوڄام واسي راشد خورشيد پنهنجي ڪار ۾ حيدرآباد کان ٽنڊوڄام طرف اچي رهيو هو ته راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ڪوسٽر سندس ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.

واقعي جي اطلاع تي راهوڪي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جتي ڪوسٽر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، زخمي راشد خورشيد کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button