دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

شڪارپور  / ٻه مغوي بازياب، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري.

شڪارپور
/ ٻه مغوي بازياب، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري.

پوليس ۽ رينجرز پاران ڪچي ڪيٽي ۾ گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران بلوچستان جي ضلعي خاران ۽ نوشهروفيروز جا ٻه مغوي بحفاظت بازياب.

بازياب ٿيندڙن ۾ محمد صادق (خاران) ۽ برڪت علي سولنگي (نوشهرو فيروز) شامل آهن. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ

بازياب ٿيل مغوي شادي ڪرڻ جي جهانسي ۽ سستي اگھ تي ٽريڪٽر خريد ڪرڻ لاءِ ڪچا ويا هئا جتان انهن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو.

ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز جي نگراني ۾ ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو.

ڌاڙيلن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي مسمار ڪيو ويو ۽ ٻنهي مغوين کي بنا ڪنهن نقصان جي محفوظ طور تي بازياب ڪرايو ويو.

هي آپريشن ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڌاڙيلن جو مڪمل طور تي خاتمو نه ٿي وڃي. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button