سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

قمبر شھدادڪوٽ پکو ڀرسان تيز رفتار ڪار جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت 2 ڄڻا سخت زخمي

قمبر شھدادڪوٽ پکو ڀرسان تيز رفتار ڪار جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت 2 ڄڻا سخت زخمي اسپتال منتقل مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو موٽروي پوليس ڪار کي تحويل ۾ ورتو
تفصيل موجب پکو ڀرسان مين روڊ تي ڀٽي پيٽرول پمپ وٽ تيز رفتار ڪار جو لوڊر رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ لوڊر رڪشا سوار غلام رسول عرف گلڻ خشڪ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته سبزي فروش ڪاشف جتوئي ۽ شيراز ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا حادثي بعد موٽروي پوليس پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي پھچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪري زخمين کي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو ھوڏانھن فوتي جو مڙھ گھر پھتو ته وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو ٻئي طرف موٽر وي پوليس حادثو ڪندڙ ڪار ۽ لوڊر رڪشا کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ان موقعي تي فوتي جي وارثن جو چوڻ ھو ته فوتي ۽ زخمي لوڊر رڪشا تي صبح سوير سبزي ۽ ٻيو سامان کڻڻ لاء سبزي منڊي لاڙڪاڻي پئي ويا ته رستي ۾ تيز رفتار ڪار سندن جي لوڊر رڪشا کي ٽڪر ھنيو جنھن ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن وارثن مطالبو ڪيو ته حادثو ڪندڙ ڪار ڊرائيور کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button