خانپورمهر خانپورمهر مينگهواڙ پئنچائت جون چونڊون, مينگهواڙ ايڪتا پئنل جو مکي بسنت ڪمار عرف بصرورام 815 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو,

خانپورمهر خانپورمهر مينگهواڙ پئنچائت جون چونڊون, مينگهواڙ ايڪتا پئنل جو مکي بسنت ڪمار عرف بصرورام 815 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو, ميگهونس سماج سڌارڪ پئنل جو گرمک داس 525 ووٽ کڻي هارائي ويو, مکي بصرورام جي ڪاميابي تي مينگهواڙ برادري جو جشن, جهمريون ڀنگڙا ڊانس ڪئي وئي
خبر موجب خانپورمهر ۾ هندو مينگهواڙ پئنچائت جون چونڊون ٿيون, خانڳڙھ, خانپورمهر ۽ شاھپورمھر ۾ 3 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون جتي مرد ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو ووٽنگ جو عمل 8 وڳي صبح کان شام 4 وڳي تائين جاري رهيو ووٽنگ عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي جنهن بعد اليڪشن ڪاميٽي جي استاد ڪرشن لال اليڪشن جي رزلٽ جو اعلان ڪيو جنهن مطابق مينگهواڙ ايڪتا پئنل جو مکي بسنت ڪمار عرف بصرو رام 815 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته مينگهونس سماج سڌارڪ پئنل جو مکي جو اميدوار گرمک داس 525 ووٽ کڻي سگهيو ۽ هارائي ويو اليڪشن نتيجن جو اعلان بعد مينگهواڙ ايڪتا پئنل جي ڪامياب عهديدارن بسنت ڪمار, اشوڪ ڪمار, سگنومل, ديوان ڪمار ۽ ٻين کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ ايڪتا پئنل جي حامي نوجوانن خوشي مان جهمريون ڀنگڙا ڊانس ڪئي ۽ خوشي جو جشن ملهايو ويو مکي بسنت ڪمار چيو ته آء سموري برادري کي گڏ کڻي هلندس هارائي ويل به اسان جا پنهنجا آهن سڀني کي گڏجي هلنداسين ۽ برادري جي ترقي ڀلائي لاء ڪم ڪنداسين