دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلي ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ھٿياربندن

ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلي ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ھٿياربندن مقصود احمد مگسي جي ڪريانا اسٽور ۽ ايزي لوڊ جي دوڪان مان ڦرلٽ ڪري دوڪان تي سڌا فائر ڪيا دوڪاندار نوجوان پاڻ کي بچائي ورتو انھي حوالي سان متاثر مقصود احمد مگسي ٻڌايو ته ھٿياربندن دوڪان مان ڦرلٽ ڪئي منهنجو پٽ ۽ ملازم ويٺل ھيا جن مٿان سڌا فائر ڪيا ھنن ڀڃي جان بچائي ورتو فوري اطلاع ڏيڻ تي 15 مددگار پوليس پھچي معلومات وٺي وئي اي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي اين سي به درج ڪرائي آهي جنھن بعد ٿاڻي مان به پوليس اچي جاء واردات جو معائنو ڪيو ھڪ ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل به ڦر ڪري ويا ساڳيا ڏوھاري آهن اسان جو مطالبو آهي ته ڦر ٿيل رقم فونون واپس ڪرائي ڏوھارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻيندو وڃي