خانپورمهر ۾ پيرسن عورت جو معصوم پٽ سميت ٿاڻي تي پهچي ڏير ۽ سندس پٽن خلاف احتجاج,

خانپورمهر ۾ پيرسن عورت جو معصوم پٽ سميت ٿاڻي تي پهچي ڏير ۽ سندس پٽن خلاف احتجاج, ڏير پنهنجي معذور پٽ لاء زبردستي ڌي جو سڱ گهري ٿو نه ڏيڻ تي روزانو تشدد ڪن ٿا ڏير ۽ سندس پٽن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي پيرسن عورت سلطانه مهر جو مطالبو
خبر موجب خانپورمهر لڳ ماڪاهي جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سلطانه زال علي حمزو مهر پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي خانپورمهر ٿاڻي تي پهچي پنهنجي ڏير الهيار ۽ سندس پٽن اقبال, پيرل, عارف, فتو عرض محمد خلاف احتجاج ڪيو پيرسن عورت سلطانه مهر دانهيندي چيو ته منهنجو مڙس علي حمزو فالج جو مريض آهي آء پاڻ بيمار آهيان منهنجو ڏير ۽ سندس پٽ اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن پيرسن عورت سلطانه مهر چيو ته منهنجو ڏير پنهنجي ڄنگھ کان معذور پٽ لاء زبردستي مونکان ڌي جو سڱ گهري رهيو آهي انڪار تي ڏير ۽ سندس پٽ روزانو مونکي تشدد ڪن ٿا ۽ قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا منهنجو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو اٿن پيرسن عورت سلطانه مهر آئي جي سنڌ, ڊي آئي جي سکر, ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور منهنجي ڏير ۽ سندس پٽن خلاف ڪاروائي ڪري مونکي ۽ منهنجي معصوم ٻارن کي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي