ميرپور ساڪرو جي ٽائون چئيرمين اقبال احمد خاصخيلي ۽ مقامي صحافي يوسف شاهين تي بدترين تشدد ۽ عدالت پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ايف آئي اي ۾ داخل

ميرپور ساڪرو جي ٽائون چئيرمين اقبال احمد خاصخيلي ۽ مقامي صحافي يوسف شاهين تي بدترين تشدد ۽ عدالت پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ايف آئي اي ۾ داخل ڪرايل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل سي آئي ٺٽو جي انچارج انسپيڪٽر ممتاز علي بروھي جي ٺٽو عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ ۽ کيس آزاد ڪرڻ واري حڪم تي خوشي ۾ ساڳئي ڪيس ۾ ملوث ٻن پوليس آفيسرن سي آئي ٺٽو جي سب انسپيڪٽر عبدالمومن شيخ ۽ ڳاڙهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر مختيار ڪلھوڙو پاران سرڪاري ھٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان واقعي جو فوري طور تي سخت نوٽيس وٺندي ٻنهي آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ انهن خلاف وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي اهڙي غير ذميواراڻين حرڪتن ۽ مجرمانه لاپرواهي ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت قدم کڻن جي ھدايت ڪئي وئي آهي