سنڌ جون خبرونقومي خبرون

قمبر شھدادڪوٽ(بيوروچيف غلام اڪبر جتوئي) ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ طرفان محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتم دوران زخمي ٿيندڙ

قمبر شھدادڪوٽ(بيوروچيف غلام اڪبر جتوئي) ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ طرفان محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتم دوران زخمي ٿيندڙ عزادارن کي ترت علاج مھيا ڪرڻ لاء سموري ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ سان گڏ ماتمي جلوسن کي مڪمل طبي سھولتون فراھم ڪرڻ لاء ڊي ايڇ او آفيس قمبر ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڪنھن به ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاء ون ون ٽو ٽو ايمبولنسز کي به تيار رکيو ويو آھي ان حوالي سان ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ٻڌايو ته سموري ضلعي ۾ عزادارن کي صحت جي حوالي سان مڪمل سھولتون فراھم ڪرڻ لاء ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ سان گڏ ڊي ايڇ او آفيس ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آھي جڏھن ته ضلعي جي مختلف امام بارگاھن جي دورو ڪري عزادارن معلومات ورتي ويندي ھن چيو ماتمي جلوسن دوران زخمي ٿيندڙن کي صحت کاتي قمبر شھدادڪوٽ طرفان مرھم پٽي دوائون ڏنيون وينديون،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button