Life Styleعالمي

اسرائيل هٿان وڌيڪ 74 فلسطيني شهيد، جنگبندي لاءِ وري ڳالهيون

واشنگٽن/غزه/دوحا  اسرائيلي حملن فلسطين کي موت جي وادي بڻائي ڇڏيو. قطر ۾ جنگبندي تي هڪ ڀيرو وري ڳالهيون ڪيون ويون آهن. غزه جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ ڪالهه به ميزائيل حملا ڪيا ويا. بجلي بند ٿي وئي آهي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ عوام وٽ خوراڪ نه هجڻ ڪري سوين ماڻهو مرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. تازن اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 74 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. جن مان 8 ڄڻا غزه جي خوراڪ ملڻ واري هنڌ تي اسرائيل جي ڪيل فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويا. هيستائين شهيدن جون انگ 57 هزار 680 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ لک 37 هزار 409 ماڻهو زخمي آهن. ڊبليو ايچ او جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطين جي اسپتالن تي 600 کان وڌيڪ حملا ڪري چڪو آهي. سي اين اين موجب دوحا ۾ حماس اسرائيل جنگبندي تي ڪالهه به ڳالهيون ٿيون آهن

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button